پشو پاشا:

پشو پاشا:

پشو پاشا

پشو پاشا: ’پشو پاشا‘ سنڌي ٻوليءَ جي جديد ۽ پهرين صف جي ڪهاڻيڪار جمال ابڙي جي افسانن/ ڪهاڻين جو مجموعو آهي. هن مجموعي جون ڪهاڻيون همعصر دور جي ڪهاڻين ۾ فن، پيشڪش ۽ فڪر جي حوالي سان منفرد ۽ امتيازي حيثيت رکن ٿيون. جمال ابڙي هن ڪهاڻي- ڪتاب ۾ زندگيءَ جي مختلف رخن ۽ ڪردارن کي وڏي فن سان پيش ڪيو آهي. هن سماجي حقيقت نگاريءَ جو اعليٰ مثال پيش ڪندي، سماج جي هر طبقي جي مسئلن کي خوبصورت پيرائي ۾ بيان ڪيو آهي.
هن ڪتاب جي پهرئين ڇاپي ۾ جيتوڻيڪ سندس صرف 12 ڪهاڻيون شامل هيون، پر انهن جي بنياد تي کيس ’سنڌ جو گورڪي‘ سڏيو ويو. شيخ اياز، ’پشو پاشا‘ تي تبصرو ڪندي لکيو هو ته: ”روسي اديب آئزڪ بيل به جمال ابڙي جي ’پشو پاشا‘ وانگر صرف هڪ ئي ڪتاب لکيو هو ’سرخ رسالو‘، جنهن تي اسٽالن کيس قتل ڪرائي ڇڏيو هو، پر هو دنيا جي ادب ۾ امر ٿي چڪو آهي. جمال ابڙي کي به سنڌي ادب ۾ امرتا ملي چڪي آهي. ان جي ڪهاڻين جي مجموعي جو جڏهن ترجمو ٿيندو ته اهو سڄي برصغير جي ادب ۾ پنهنجي جاءِ جوڙي وٺندو.“
پشو پاشا جا هن وقت تائين چار ڇاپا ڇپجي چڪا آهن. پهريون ڇاپو 1959ع ۾ زندگي پبليڪيشن، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو ۽ ٻيو ڇاپو 1972ع ۾ سهڻي پرنٽرز، حيدرآباد، ننڍي سائيز ۾ ’بدمعاش‘ جي عنوان سان ڇپايو هو، جڏهن ته ٽيون ڇاپو، 1976ع ۾ ورسٽي پبليڪشن، ڪراچيءَ طرفان ڇپايو ويو ۽ هن ڪتاب جو چوٿون ڇاپو 1992ع ۾، ثقافت کاتي پاران ڇپايل ڪتاب ’جمال ابڙو: ڪهاڻيون، مضمون، شخصيت‘ ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ جمال ابڙي جون جملي سترهن (17) ڪهاڻيون ڏنيون ويون آهن.
جمال جي ڪهاڻين جو سڀ کان اهم موضوع سنڌ جو عام ۽ غريب ماڻهو آهي، جنهن جي چوڌاري زندگيءَ جا هزارين پنجوڙ ٻڌل آهن. جمال جي ڪهاڻين ۾ ظالم ۽ ظلم سهندڙ ٻئي ڪردار پنهنجي اصلي رنگ ۽ روپ ۾ ظاهر ٿين ٿا. سندس ڪهاڻين جا عنوان هيٺينءَ ريت آهن: (1) ’مان مڙد‘، (2) ’بدتميز‘، (3) ’پيراڻي‘، (4) ’شاهه جو ڦر‘، (5) ’بدمعاش‘، (6) ’منهن ڪارو‘، (7) ’هوُ حُر هو‘، (8) ’ڪارو پاڻي‘، (9) ’مهرباني‘، (10) ’خميسي جو ڪوٽ‘، (11) ’لاري‘، (12) ’پشو پاشا‘، (13) ’پاشا‘، (14) ’سينڌ‘، (15) ’فرشتو‘، (16) ’ماءُ جي جهولي‘، (17) ’لاٽ‘. پشو پاشا ڪتاب جا پنجابيءَ ۽ اردوءَ ۾ به ترجما ٿي چڪا آهن. پنجابيءَ ۾ ترجمو پروفيسر محسن عباسيءَ ڪيو هو، جيڪو پاڪستان پنجابي ادبي بورڊ لاهور، آگسٽ 1999ع ۾ ڇپايو هو، ڊيمي سائيز جي 88 صفحن جي هن ڪتاب جي قيمت 40 روپيا رکيل آهي. پشو پاشا جو اردو ترجمو ممتاز سولنگيءَ ڪيو آهي، جيڪو شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽيءَ (آڪٽوبر 2003ع) ڇپايو آهي. هن ڊيمي سائيز جي 224 صفحن تي مشتمل ڪتاب جي قيمت 200 روپيا رکيل آهي ۽ ان ۾ جمال ابڙي جي ڪهاڻين کان سواءِ سندس مضمون به شامل ڪيا ويا آهن.


لفظ پشو پاشاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو